Wednesday, April 17, 2024

وي پي اين ۽ ڊي پي اين جي وچ ۾ فرق

 اڄ وي پي اين ۽ ڊي پي اين جي فرق بابت پڙھيم، سوچيم ته اھا ڄاڻ اوھان سان به ونڊيان.

وي پي اين سان ته ھاڻ گھڻا واقف ھوندا ڇو جو ملڪ ۾ ايڪس سميت ڪئي ويبسائٽون بند ٿيل آھن. سو وي پي اين جي ايپ استعمال ڪري ان پابندي کي بائي پاس ڪري انھن ويبسائٽن تائين رسائي حاصل ڪري سگھجي ٿي. گھڻيون ئي وي پي اين ايپس آھن پر جيڪي ڀروسي واريون آھن انھن جي ماھوار يا سالياني في ٿئي ٿي.
وي پي اين توھان جي ڪمپيوٽر يا موبائيل ڊوائس کي سڌو ڪنھن ٻي ملڪ جي سرور سان ڳنڍي ٿي ۽ ڇو جو ان ملڪ ۾ ان ويبسائٽ تي پابندي ناھي ھوندي، اتان اوھان ان ويبسائٽ تائين رسائي حاصل ڪري سگھو ٿا.
ان جو ھڪ ٻيو فائدو به آھي ته ڪجھ ويبسائٽس فقط ڪجھ خاص ملڪن ۾ پنھنجون خدمتون مھيا ڪنديون آھن. مثال طور آئون ھتي ملائيشيا ۾ يوٽيوب پرميم جو سبسڪرائيبر آھيان ۽ يوٽيوب پريميئم تي اشتھار وغيره ڪون اچن. پر پاڪستان ويندو آھيان ته اتي يوٽيوب پريميئم سروس ڪونھي. ان ڪري يوٽيوب تان ميسيج ايندو آھي ته ھن ملڪ ۾ اوھان جو يوٽيوب پريميئم ڪم نه ڪندو. پر جي آئون وي پي اين ملائيشيا سرور ملائي يوٽيوب ڏسندس ته پريميم سروس جيڪا منھنجي سبسڪرائب ڪيل آھي سا ڪم ڪندي.
جيتوڻيڪ وي پي اين ڪافي محفوظ آھي پر مڪمل سيف ڪونھي. جيڪڏهن ڪو ٽارگيٽ ڪري توھان جا ميسيج وغيره چيڪ ڪرڻ چاھي، جيئن سرڪاري ادارا يا ڏوھي ماڻھو ، ته ڪجھ طريقا استعمال ڪري اوھان کي ٽارگيٽ ڪري، اوھان جي نيٽ اڪٽيوٽي جي ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا. ڇو جو وي پي اين پھرين ڪنھن ملڪ ۾ موجود سرور سان ملندو آھي ۽ ان سرور جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جاسوسي ادارن يا ڏوھي ماڻھن لاءِ ڏکيو ضرور آھي پر ناممڪن ناھي.
ڊي پي اين يا وري ڊيسينٽرالائيزڊ وي پي اين، ڪنھن ڄاتل سڃاتل سرور سان ملڻ بجاءِ ڪنھن به ٻي ماڻھو جي سرور يا ڊوائس سان ان ملڪ ۾ ڪنيڪٽ ٿيندو جيڪو ملڪ اوھان سيٽ ڪندا. ۽ پوءِ ان سرور يا ڊوائس مان ھو باقي انٽرنيٽ سان ڳنڍبو. اھو جاسوسي ادارن يا ڏوھي ماڻھن لاءِ تقريباً ناممڪن آھي ته ھو اوھانجي ڊوائس مان ويندڙ يا اوھانجي ڊوائس ۾ ايندڙ ڊيٽا کي انٽرسيپٽ ڪري سگھن. ڊي پي اين وڌيڪ تيز به ٿي سگھي ٿو ۽ ان جو ڪو ماھوار بل به ڪون ٿو اچي. پر ان لاءِ اوھان کي ڊي پي اين جي ھڪ ڊيوائس وٺڻي پوندي. اھڙيون ڊوائسون ڪافي مھانگيون آھن. لک رپئي کان وٺي ٻه ٽي لک رپين تائين به قيمت ٿي سگھي ٿي. جيڪ پاڻ کي سرڪاري يا غير سرڪاري ڏوھارين کان بلڪل محفوظ انٽرنيٽ جو استعمال چاھين، اھي ڊي پي اين جو استعمال ڪري سگھن ٿا.
اڄ اھا معلومات ڪٿي پڙھيم ته اوھان سان شيئر ڪيم. ھاڻ اھو نه پڇجئو ته اھا ڊي پي اين ڪٿان ملندي. مون کي ڪنھن به ڀروسي واري سپلائير جي ڄاڻ ڪونھي.

مير عطا محمد ٽالپور
ملاڪا، ملائيشيا
17 اپريل 2024

No comments:

Post a Comment