Monday, December 15, 2014

سماجي انتشار ۽ اسانجي اخلاقيات

معاشرا هميشه ارتقا ۾ رهيا آهن ۽ سنڌ جو معاشرو به ايئين ئي آهي ۽ ٻين معشرن وانگر لاهين چاڙهين ما گزرندو رهيو آهي ۽ اهيو سلسلو جاري رهندو۔ اسان هـن دور ۾ رهون ٿا ۽ ان ڪري پنهنجي توجه هـن دور تي ۽ ايندڙ وقـت تي مرڪوز ڪيون ٿا. سنڌ جو ٻين ملڪن سان ڀيٽ ڪري ان ڳالھ جو چنڱي نموني اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي سماج ۾ ڪيترو اِنتشار آهي. اِن لکڻ جو مقصد اِهيو بلڪل ناهي ته سنڌ ۾ سماج سڌارڪ بلڪل ناپيد ٿي ويا آهن. اهي بلڪل آهن، پر سماج.، اٽي ۾ لوڻ جيترن سماج سڌارڪن سان ناهي سڌرندو. اهي اڳواڻي ته ڪري سگهن ٿا پراصل سماجي سڌارو فقط ان وقت ئي اچي سگهي ٿو جڏهن معاشري جا ٻه مُک ڪردار، مائيٽ ۽ استاد، ٽين ڪردار، يعني، اولاد ـ شاگرد سان پنهنجون زميداريون پوري سچائي، ايمانداري سان ادا ڪن. جنهن به معاشري ۾ اهي ٻه ڪردار، يعني مائيٽ ۽ استاد، نئين ٽهي سان سچا نه ٿيندا ۽ پنهنجي زميداري محسوس نه ڪندا، ان معاشري ۾ انتشارجاري رهندو ۽ وڌندو رهندو.
مشاهدي مان خبر پوي ٿي ته سنڌ کان ٻاهر، ڪنهن به ملڪ ۾، ڪوبه سرڪاري ملازم چاهي هو استاد هجي، يا ڪنهن ٻي زميداري وارو سرڪاري ملازم، پنهنجي ڊيوٽي کان غير حاضر نٿو رهي سگهي. هو اهڙي غير اخلاقي حرڪت ڪري ئي نٿو سگهي۔  اسڪول جا استاد نه فقط باقائيدگي سان اسڪول وڃي شاگردن کي پڙهائن ٿا، پر پوري زميداري سان نئين ٽهي جي تعليم ۽ تربيت جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا. سنڌ ۾ استادن کي اسڪول وڃڻ لاءِ ته حڪومت يا سوشل ميڊيا جو پريشر، مجبور ڪري سگهي ٿو، پر انهن ۾ اهو احساسِ زميداري ڪير پيدا ڪندوجنهن سان هو نئين ٽهي جي تعليم ۽ تربيت ۾ پوري ايمانداري سان دلچسپي وٺي پنهنجو ڪردار ادا ڪن؟ اهيو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اهي استاد ۽ مائيٽ، ٻئي ڪردار، انهي معاشري ۾ پلجي وڏا ٿيا هجن جنهن معاشري جو ماحول اخلاق، قانون جي حُڪمراني، احساسِ زميداري ۽ ايمانداري وارو رهيو هجي. بدقِسمتي سان سنڌ جي معاشري ۾ اهي سڀ قدرون، گزريل اڌ صدي کن کان بتدريج گهٽجنديون رهيون آهن ۽ هاڻي اٽي ۾ لوڻ جيتريون وڃي رهيون آهن. اهڙي معاشري ۾ پلجي وڏو ٿيل استاد يا مائيٽ، پنهنجي اولاد يا شاگرد کي جيڪا تعليم ۽ تربيت ڏئي سگهي ٿو، اهائي هو اڄڪلهه ڏي پيو. ۽ اهڙي ئي معاشري ۾ جنم وٺي پرورش وٺندڙ ماڻهو ئي سرڪاري ملازمتن ۾ حڪومت ۾ ۽ هر ميدان ۾ نظر ايندا ـ نه اخلاق، نه احساسِ زميداري، نه ايمانداري. ۽ اهيو سلسلو انهي طرح سان جاري رهندو، جيستائن، وڏي پيماني تي ڪوشش وٺي هر ماڻهو ۾ اخلاقيات، احساس زميداري، ۽ ايمانداري جي عادت وڌي وڃي. اليڪٽرونڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ماڻهن ۾ اخلاقيات، احساس زميداري، ۽ ايمانداري جي عادت وجهڻ ۾ ڪافي وڏو ڪردار ادا ڪري پئي سگِهي، ۽ اڃان به ڪري سگهي ٿي، پرميڊيا ۽ ميڊيا وارا پڻ اهڙيئي معاشري جو حصو آهن، جنهن ۾ انهن بنيادي ڳالهين، جن ۾ اخلاقيات، احساس زميداري، ۽ ايمانداري جي تربيت شامل آهن،  کي نظر انداز ڪري سنسنيخيزي، خام مبالغي ۽ پيلي صحافت کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آهي. نئين اڀرندڙ سوشل ميڊيا ۾ هاڻي ڪُجھ آسرو آهي، پر اهيو وقت ئي ٻڌائيندو ته سوشل ميڊيا جو بي لگام گهوڙومعاشري جي اِصلاح ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو.
جيئن ته انساني زهن ۾ نئون علم پرائڻ ۽ نون حالتن کي اپنائڻ جي صلاحيت هميشه موجود رهي ٿي، ان ڪري، ميڊيا، يا سوشل ميڊيا زريعي، سنڌ جي ماڻهن کي ٻين اهڙن معاشرن جي اخلاقي قدرن بابت آگاهي ۽ مِثالون ڏيڻ سان، ٿي سگهي ٿو ته حالتن ۾ ڪجھ بهتري آڻي سگهجي، جن معاشرن ۾ اخلاقيات، احساس زميداري، ۽ ايمانداري کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي. ملاڪه جي شهرکي، جتي آئون رهان ٿو، ”ميلٽنگ پاٽ آف ڪلچرز“ چيو وڃي ٿو، يعني اهو شهر جتي ڪيئي ثقافتون پگهري اچي گڏ ٿيون هجن! هتي ملائيشيا جا ملئي به رهن، چيني به رهن، تامل به رهن، چينين ۽ انڊونيشي ملئ جو گڏيل نسل بابا نيونيا به رهن، هندو ۽ انڊونيشي ملئي جو گڏيل نسل، ڇيتي، به رهن، يورپين ۽ يوريشين به رهن، ته هتي جا اصلوڪا رهاڪو، اورنگ اصلي به رهن. مطلب ته هتي رهي، ڪيئي ثقافتن جي مشاهدي جو موقعو مليو آهي ۽ انهن سڀن ثقافتن ۾ اخلاقيات، احساس زميداري، ۽ ايمانداري تمام گهڻي هد تائين موجود آهي. ٺڳ ۽ ڌوکيباز دنيا ۾ هر جڳھ تي آهن، ۽ هتي به آهن، پرانهن جو تناسب، گهٽ آهي. سرڪاري ملازم آفيسن ۾ وقت تي صبح جو ساڍي ستين بجي پهچيو وڃن ۽ هڪ ڪلاڪ جي لنچ بريڪ کان سواءِ شام جو پنج بجي تائين آفيسن ۾ هجن ٿا. هاڻ ته سڀ سرڪاري آفيسون آئسو سرٽيفائيڊ ٿي ويون آهن. اُستاد به اسڪولن ۾ محنت سان شاگردن جي تعليم ۽ تربيت ڪن ٿا. پر انهئي سان گڏ مائٽن ۾ ان ڳاله جو احساس آهي ته هو اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو خيال رکن.
ملائيشيا جي چينين ۾ اڄ تائين سٺي ٻار هجڻ جا معيار مقرر ٿيل آهن. هر گهر ۽ اسڪول ۾ مائيٽ ۽ استاد جي اهيا ڪوشش هوندي آهي ته ٻارن کي نه فقط انهن معيارن کان واقف ڪجي پر ان تي ايترو عمل ڪرائيجي جو اهي اخلاقي معيار  هنن جي عادت بڻجي وڃن. اهيا سخت تربيب ٻار جي ڄمڻ جي ڪجھ مهينن ۾ ئي شروع ٿيو وڃي. چيني ثقافت تي، چاهي اهي ملائيشيا جا چيني هجن، يا سنگاپور، تائيوان، وغيره جا، عظيم چيني استاد ۽ فلاسفر، ڪونفوشيس، جو تمام گهرو اثر آهي. هن جو چوڻ ڪندي، اڄ به هر چيني ٻار کي اخلاقيات جا اصول ۽ اعلٰي اخلاقي فضيلتون ۽ تنظيم جا سبق سڀ کان پهرين سيکاريا ويندا آهن. باقي هر قسم جي تعليم ان کان پوءِ شروع ٿيندي آهي. هزارن سالن کا وٺي اڄ تائن، چيني معاشري ۾ ان ٻار ۽ انسان جي ڪا به اهميت نه هوندي آهي، جنهن سخت اخلاقي ۽ تنظيمي اصولن کي پنهنجي زندگي جو حصو ۽ عادت نه بنايو هجي!


هر چيني گهر ۾ هزارن سالن کان ٻارن ۾ ان ڳالھ جي عادت وڌي ويندي آهي ته گهر ۾ مائيٽ جو ادب، احترام ۽ ان سان پيار ڪن، ۽ گهر کان ٻاهر، مائٽن جي عمر جي هر ماڻهو سان اوترو ئي ادب، احترام ۽ پيار ڪن جيترو هو پنهنجي اصل ماءُ پيءُ جو ادب، احترام ۽ انهن سان پيار ڪن ٿا، ڄڻ ته هو وڏي عمر جا ڌاريان به  ادب، احترام جي معاملي ۾ بِلڪُل اصل ماءُ ۽ پيءُ وانگر هجن.


ماءُ ۽ پيءُ جي ادب سيکارڻ ۽ ان جي ٻار ۾ عادت وجھڻ کان پوءِ جيڪو اخلاقي اصول ٻار کي سيکاريو ويندو آهي، سو آهي ته هو پاڻ کي ڪهڙي طرح اهڙو شخص بڻائي جنهن تي ٻيا سڀ مڪمل اعتماد ڪري سگهن. ڪهڙن ماڻهن کان پري رهجي، ڪهڙِن ڳالهين کان بچجي، ۽ ڪهڙن عملن کا بچڻ گهرجي. اهڙي تربيت تمام گهڻي توجه سان ڪئي ويندي آهي. ٻار کي تمام سخت تاقيد ڪئي ويندي آهي ته هو ڪڏهن به پنهنجي قول ۽ فعل سان ڪنهن ٻي شخص کي ڪا تڪليف نه پهچائي. هر انسان سان پيارڪرڻ ۽ سڄي انسانيت سان محبت جو درس به ڏنو ويندو آهي. فضيلت ۽ همدردي رکندڙ ماڻهن سان ويجهو رهڻ ۽ انهن مان پِرائڻ جي سخت هدايت ڪئي ويندي آهي. قديم چين جي سادُهن ۽ سنتن جي عزت ڪرڻ جي به سخت تاقيد ڪئي ويندي آهي. ۽ اهيو سمجهايو ويندو آهي ته اُنهن جي عزت ۽ احترام تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اُنهن جي اخلاقيات بابت ٻڌايل مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين تي فرض يا ڊيوٽي جي حد تائين عمل ڪجي ۽ انهن اخلاقي اصولن کي پنهنجي عادتن جو حصو بڻائي ڇڏجي. قديم زماني کان وٺي اڄ تائين، مائٽ جڏهن مطمئن ٿيندا آهن ته انهن جو ٻار اخلاقي اصولن کي فرض جي حد تائين اپنائي پنهنجي عادتن ۾ شامل ڪري چُڪو آهي ته پوءِ ئي هن کي وڌيڪ تعليم لاءِ اهل سمجهيو ويندو آهي. قديم زماني ۾ ته اخلاقي تعليم جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪا ٻي تعليم شروع ئي نه ڪئي ويندي هئي، پر هاڻ جديد دور ۾ اسڪولي تعليم اخلاقي تربيت گڏوگڏ جاري رهندي آهي. ڪوشش اهيا ئي هوندي آهي ته اسڪول جي پرائيمري ليول دوران اخلاقي تربيت مڪمل ڪئي وڃي ۽ اخلاقي اصول ٻار جي عادتن جو حصو بڻائي ڇڏجي. اڄ به چيني گهر ۾ اهيو تاثر عام آهي ته  ماءُ ۽ پيءُ، ٻه ڄڻا گڏجي هڪ يا ٻن ٻارن کي جيڪڏهن اخلاقيات جي تربيت نه سگهيا ته پوءِ استاد هڪ ڪلاس روم ۾ 30 کان 40 ٻارن کي اها تربيت ڪيئن ڏئي سگهندو؟ ان ڪري ٻار جي اخلاقيات جي جيڪا تربيت گهر ۾ ٿي سگهي ٿي، اها اسڪول ۾ ممڪن ناهي. چوڻ جو مقصد آهي ته ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ گهر ۽ اسڪول، ٻِنهن جو هڪ جيترو ڪردار آهي. بلڪه ائين کڻي چئيجي ته گهر وڌيڪ اهم آهي، ته بيجاءَ نه ٿيندو. سنڌ جي موجوده معاشري جو الميو اهيو آهي ته گهڻو ڪري، مائٽن سندن ٻارن جي تعليم ۽تربيت جي مڪمل زميداري پاڻ تان لاهي اسڪول جي حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ اسڪول ۾ استاد دلچسپي سان تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ته ٺهيو، اچن ئي ڪون ٿا. خُد استادن جو اهيو عمل ئي غيراخلاقي ۽ غير مُهزب آهي. سو ان مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪو استاد خُد اخلاق ۽ تهذيب کان ناواقف هجي، اهو ٻارن کي ڪهڙي تربيت ڏئي سگهندو؟ ڀلي کڻي اهڙن استادن کي اسڪول وڃڻ تي مجبور ڪيو به وڃي، اهي ٻارن کي نه ته ڪا تعليم ڏئي سگهندا، نه ئي وري ڪا اخلاقي تربيت ڪري سگهندا.
ڏکڻ ايشيا جي چيني گهرن ۾ ٻارن جي تربيت هڪ تمام وڏو موضوع آهي۔ ڪنهن ٻي وقت ان جو تفصيلي جائزو وٺبو۔ هتي ان جي مختصر ذڪر جو مقصد پنهنجن مشاهدن کي بيان ڪرڻو هو تي جيئن سنڌ جي معاشري ۾ جيڪو انتشار وڌندو ٿو وڃي، ان کي منهن ڏيڻ لاء ٻين معاشرن جي چڱين ڳالهين مان ڪا مدد وٺي سگهجي ۽ سنڌ جي معاشري جي ڪرندڙ اخلاقي معيار کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي۔ اهيو معاملو نه ته هڪ ڏينهن ۾ بِگڙيو آهي ۽ نه ئي هڪ ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿيڻ وارو آهي۔ اهيو سفر تمام ڊگهو ۽ ڏکيو آهي، پر ان سفر جي شروعات جي پهرين وِک، جيترو جلدي ٿي سگهي، اوترو جلدي کڻجي۔


ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپور
ملاڪه، ملائيشيا۔


























No comments:

Post a Comment