Thursday, November 28, 2013

State of Basic Education in Sindh

Just read this well-researched article on the state of education in Sindh by Jami Chandio. Its worth reading and acting to save the education and future generations of Sindh.


سنڌ ۾ تعليمي زوال جو سدباب ڪيئن ٿيندو؟
جامي چانڊيو
هونئن ته سنڌ جو هر شعبو بدترين حالت ۾ آهي پر سنڌ ۾ بنيادي تعليم جي مڪمل تباهي ڄڻ ته سڄيءَ سنڌ جي آئيندي کي سواليه نشان بڻائي ڇڏيو آهي. ايڪويهين صديءَ جي هن قابليت، مَهارت ۽ چَٽاڀيٽيءَ جي دور ۾ ڪهڙي قوم ۽ ڪهڙو سماج آهي، جيڪو تعليم ۽ معياري تعليم کانسواءِ اڳتي وڌڻ جو ٺلهو تصور به ڪري سگهي ٿو؟ سنڌ ۾ بنيادي تعليم جي هيءَ تباهي ڪا هِڪَ اَڌُ حڪومت ۾ نه ٿي آهي پر گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان مرحليوار ٿي آهي ۽ اڄ حالت اِها آهي ته تعليمي رپورٽ 2012ع جي سالياني سروي مطابق، سنڌ ۾ چوئيتاليهه هزار پرائمري اسڪول ۽ پنج هزار مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪول آهن، جن ۾ داخل ٿيل ٻارن (پنجن کان سورنهن سالن جي عمر) جو ڳاڻيٽو لڳ ڀڳ چاليهه لک آهي پر رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جا ٽي درجا پاس ڪيل ڇاهٽ سيڪڙو ٻار پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ پڙهي به نه ٿا سگهن ۽ اٺهتر سيڪڙو ٻار بنيادي حساب يعني جوڙَ ۽ ڪَٽَ به نه ٿا ڪري سگهن. سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ پنجهتر سيڪڙو ٻارن کي انگريزيءَ جو هڪ جملو به پڙهڻ نه ٿو اچي. اِهي ته ويچارا پنجن کان سورنهن سالن جي عمر جا معصوم ٻار ٿيا، جن کي جيڪڏهن ڪجهه نه ٿو اچي ته ان ۾ سندن ڪو ڏوهه ناهي، جو سندن اسڪولن جي گهڻائيءَ ۾ تعليم آهي ئي ڪانه پر حقيقت ته اِها آهي ته پرائمري، سيڪنڊري ۽ ويندي ڪاليج جي استادن جي اَسي سيڪڙو کان به گهڻائيءَ کي انگريزيءَ جا ٻه صفحا به لکڻ نه ٿا اچن. سنڌ جي موجوده تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي کي گهٽ ۾ گهٽ اِها شابس آهي، جو هو اخلاقي جرئت سان هر هنڌ اِهو تسليم ڪري ٿو ته سنڌ ۾ بنيادي تعليم بلڪل تباهه حال آهي. هن جا اِن ڏس ۾ کنيل ڪجهه قدم (خاص طور تي نصاب کي نئين سر تيار ڪرڻ) ٻُڌائين ٿا ته اڳوڻي دور جي ڀيٽ ۾ هو ڪجهه سنجيده آهي، پر سنڌ ۾ تعليمي تباهيءَ ۾ بهتريءَ لاءِ جيڪا وسيع تر ۽ ڊگهي مُدي واري حڪمت عملي گهرجي، اُها نظر نه ٿي اچي.
پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25-A تحت پنجن کان سورنهن سالن جي ٻارن لاءِ بنيادي تعليم مفت ۽ لازمي هئڻ گهرجي، جڏهن ته 1973ع جي آئين جي باب ٻئي جي آرٽيڪل 38 ۽ 37-B تحت به مفت ۽ لازمي تعليم جي ضمانت ڏنل آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي آرٽيڪل  26 (1)  ۾ به بنيادي تعليم کي 1948ع ۾ انسان جو بنيادي حق تسليم ڪيو ويو هو. 1989ع جي ٻارن جي حقن جي عالمي چارٽر ۾ پڻ آرٽيڪل 28 ۾ تعليم کي ٻارن جو بنيادي حق مڃيو ويو. اپريل 2000ع ۾ جيڪي ملينيم ترقياتي حدف طئي ڪيا ويا هئا، اُنهن مان ٻيو نمبر حدف اهو ئي آهي ته 2015ع جي آخر تائين دنيا ۾ بنيادي تعليم يا گهٽ ۾ گهٽ خواندگي سئو سيڪڙو هجي پر اهو خواب ساڀيان ٿيندي نه ٿو ڏسجي. سرڪاري شعبي جي تعليم ۽ خاص طور بنيادي تعليم جي ميدان ۾ پاڪستان جو حال ان ڪري به تمام بڇڙو آهي، جو گڏيل قومن جي اداري هڪڙو عالمي معيار مقرر ڪيو هو ته هر ملڪ تعليم جي شعبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ قومي آمدنيءَ جو چار سيڪڙو ضرور خرچ ڪري، پر پاڪستان گذريل ڇاهٺ سالن کان سراسري طور قومي آمدنيءَ جو صرف ٻه سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪندو رهيو آهي. ان حوالي سان دنيا جا غريب ترين ملڪ به پاڪستان کان بهتر حالت ۾ آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ سريلنڪا ۽ بنگلاديش ان جا  خاص مثال آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ 2009ع ۾ جيڪا قومي تعليمي پاليسي جوڙي وئي، ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته پاڪستان ۾ تعليم تي قومي آمدني يعني جي ڊي پيءَ جو سَتَ سيڪڙو خرچ ڪيو ويندو پر هن ملڪ ۾ سواءِ "دفاعي" بجيٽ جي ٻيو ڪنهن به مَدَ ۾ وڌيڪ وسيلا خرچ ڪرڻ جي روايت نهايت ڪمزور رهي آهي، ان ڪري ان تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو. ان جو سبب اِهو آهي ته تعليم ۽ خاص طور تي غريبن لاءِ معياري ۽ مفت تعليم هن ملڪ ۾ ڪڏهن به سياست ۽ حڪومتن جي اوليت نه رهي آهي. ان جو رڳو هڪڙو مثال ئي ڪافي آهي ته 1951ع ۾ پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول جي تعليم کان محروم هئا ۽ 1998ع جي سروي مطابق اِهو انگ هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پنج ڪروڙ  (55 ملين) آهي. پاڪستان ۾ ڏهن سالن جي عمر جا ساڍا پنج ڪروڙ ٻار ايڪويهين صديءَ ۾ به لکي ۽ پڙهي نه ٿا سگهن. ملڪ ۾ پنجن کان سورنهن سالن جي عمر جون 52 سيڪڙو ڇوڪريون اسڪولن ۾ داخل ئي نه آهن ۽ نتيجي ۾ ملڪ جون 67 سيڪڙو  مايون لکي پڙهي سگهڻ جي صلاحيت کان محروم آهن.
 (PSLM سروي 09-2008ع)
پاڪستان ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن جو حال بنيادي تعليم جي سلسلي ۾ وري به ٺيڪ آهي پر سنڌ، بلوچستان، فاٽا ۽ فانا جو حال تمام خراب آهي. الميو ته اهو آهي ته اُها سنڌ، جنهن جي تعليم جو معيار ورهاڱي تائين ۽ ان کانپوءِ به سَٺِ جي ڏهاڪي تائين پاڪستان ۾ سڀني کان مٿي هو، ان جي ڀيٽ هاڻي پاڪستان ۾ بلوچستان، فاٽا ۽ فانا سان ٿي رهي آهي، ان کان وڌيڪ سنڌ سان هاڃو ٻيو ڇا ٿيندو؟
سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو ڳاڻيٽو 59000 آهي، جن مان چيو وڃي ٿو ته لڳ ڀڳ 18 هزار اسڪول بلڪل بند پيل آهن، يا  اُهي عملي طرح وڏيرن ۽ مقامي با اثر ماڻهن جون اوطاقون يا گودام بڻيل آهن. اخبارن ۾ ته اهي تصويرون به شايع ٿيون ته ڪيترن اسڪولن ۾ گڏهه، گهوڙا ۽ ٻيا جانور ٻڌل هوندا آهن. سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري جا لڳ ڀڳ 146000 استاد آهن، پر هڪ سروي مطابق پنجاهه هزار کان مٿي استاد اسڪول اچن ئي نه ٿا ۽ گهر ويٺي رشوت ڏئي پگهارون کڻن ٿا. سنڌ ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق خواندگيءَ جي شرح شهرن ۾ 55 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾ 42 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پنجن کان سورنهن سالن جي عمر جي ٻارن مان رڳو 39 سيڪڙو ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ وڃن ٿا. سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي، جتي صوبي جي مجموعي بجيٽ يعني 617 اربن مان ايڪويهه سيڪڙو حصو يعني 134 ارب تعليم تي خرچ ٿين ٿا ۽ ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي تعليم مڪمل طور صوبائي معاملو آهي پر جيڪڏهن سنڌ ۾ ان جو حال ڏسجي ته سنڌ جي هڪ ڪروڙ ڏهه لک (11 ملين) ٻارن مان رڳو ٻائيتاليهه لک ٻار اسڪولن ۾ داخل آهن ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ايتري گنجائش ئي ناهي، جو رهيل ستر لک ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪري سگهجي، جيڪو آئين جي آرٽيڪل 25-A تحت ٻارن جو بنيادي حق آهي پر ساڳئي وقت اهو سوال به اهم آهي ته ماڻهو پنهنجن ٻارن کي اهڙن اسڪولن ۾ ڇو موڪليندا، جتي تعليم جو تصور ئي ناهي؟ سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ جي چوويهه هزار سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ بجلي ناهي، ڏهه هزار اسڪولن ۾ چوديواري ناهي، پندرهن هزار اسڪولن ۾ باٿ روم ناهن ۽ ويهه هزار اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي. هڪ سروي مطابق سنڌ ۾ 19 سيڪڙو اسڪول نهايت زبون حالت ۾ آهن، جن جون عمارتون ٻارن لاءِ مستقل خطرو بڻيل آهن ۽ 58 سيڪڙو اسڪول مرمت لائق آهن ۽ جي اُها نه ٿي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انهن جي حالت بدتر ٿي ويندي. سوال  آهي ته پوءِ آخر والدين پنهنجن ٻارن ۽ خاص طور تي ڇوڪرين کي اهڙن اسڪولن ۾ ڇو ۽ ڪيئن موڪليندا؟ جڳ مشهور معاشيات جي ماهر ۽ نوبل انعام يافته سماجي سائنسدان ڊاڪٽر امرتيا سين پنهنجي هڪ ٿيسز ۾ چار معيار ڄاڻايا آهن، جن کانسواءِ والدين ۽ خاص طور تي غريب والدين ڪڏهن به پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ نه موڪليندا ۽ اُهي هي آهن ته، (1) اسڪول ٻارن جي گهرن جي ويجهو هجن، (2) تعليم مفت ۽ معياري هجي، (3) اسڪولن جو ماحول محفوظ هجي (4) تعليم ٻارن جي بهتر مستقبل جي ضمانت هجي. هاڻي جيڪڏهن انهن معيارن مطابق سنڌ جي بنيادي تعليم جي صورتحال ڏسجي ته لڳي ٿو ته سنڌ جي هڪ ڪروڙ ڏهه لک ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم ڏيڻ جي صلاحيت نه ته سرڪار ۾ آهي ۽ نه وري مٿي بيان ڪيل حالتن ۾ والدين پنهنجن ٻارن کي اهڙن اسڪولن ۾ موڪليندا،  پوءِ ڀل ته آئين ۾ ڪهڙيون به ضمانتون ڏنل هجن.
برطانوي حڪومت جي اداري DFID جي هڪ تحقيقي رپورٽ جيڪا ڪيترن تعليمي ماهرن ۽ يونيورسٽين جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي، ان ۾ پاڪستان ۾ تعليم جي صورتحال جو گهڻن رخن کان جائزو ورتو ويو آهي. ان رپورٽ ۾ مرڪز، صوبن ۽ ضلعن جي صورتحال جا به تفصيلي انگ اکر ڏنا ويا آهن، جن ۾ سنڌ جي صورتحال نهايت ڏکوئيندڙ ۽ خطرناڪ حد تائين تباهه حال ڏيکاري وئي آهي. مثال طور ملڪي سطح جي درجه بنديءَ ۽ تعليمي انڊيڪس ۾ سنڌ جو تعليمي اسڪور 51.67، ٻارن جي داخلا جو اسڪور 68.33 سيڪڙو، ڪاميابيءَ جو اسڪور 35.78 سيڪڙو ۽ سروائيول اسڪور 36.40 سيڪڙو آهي، يعني سنڌ ۾ ٻارن جي داخلا کانپوءِ ڊراپ آئوٽ جو تناسب ايترو گهڻو آهي، جو اُهو 68.33 تان ڪِري وڃي 36.40 تائين پهچي ٿو. ڊراپ آئوٽ جا سبب اهي ئي آهن، جيڪي مون مٿي ڄاڻايا آهن. پاڪستان جي ايجوڪيشن انڊيڪس ۾ سنڌ رڳو بلوچستان ۽ فاٽا کان بهتر حالت ۾ آهي، باقي پنجاب ۽ خبير پختونخوا کان تمام پوئتي آهي. ساڳي رپورٽ ۾ ملڪي سطح تي جيڪا ضلعي انڊيڪس پڌري ڪئي وئي آهي، ان مطابق سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ترقي يافته شهر يعني ڪراچي به پاڪستان جي 141 مان 56  نمبر تي آهي، جڏهن ته حيدرآباد 73،  خيرپور 77، نوشهرو فيروز 80، لاڙڪاڻو 81، دادو 88، نوابشاهه 90، سکر 98، شڪارپور 101، ٿرپارڪر 102، سانگهڙ 105، عمرڪوٽ 106، گهوٽڪي 110، ڪشمور 112، ڄامشورو 116، ميرپورخاص 117، قمبر- شهداد ڪوٽ 119، جيڪب آباد 120، بدين 122، مٽياري 135، ٽنڊو الهيار 130، ٺٽو 133 ۽ ٽنڊو محمد خان 134 نمبر تي آهن. هن سروي مطابق پاڪستان جي پهرين پنجاهه ضلعن ۾ سنڌ جو ڪوبه ضلعو شامل ناهي، جڏهن ته سنڌ جا پندرهن ضلعا ملڪ جي تعليمي انڊيڪس ۾ ملڪ جي بدترين ضلعن ۾ شامل آهن.
هن سروي رپورٽ مطابق ملڪ جي اسڪول انڊيڪس ۾ 144 ضلعن مان لاڙڪاڻو 42، ڪراچي 44، حيدرآباد 45، سکر 56،  ٽنڊو الهيار 58، قمبر شهداد ڪوٽ 60، خيرپور 65، نوشهرو فيروز 68، ڄامشورو 70، شڪارپور 72، نوابشاهه77، سانگهڙ 80، گهوٽڪي 82، ٽنڊو محمد خان 83، عمر ڪوٽ87، دادو91، بدين93، خيرپور 98، ٿرپارڪر117، جيڪب آباد 125، ڪشمور 127۽ ٺٽو 140 نمبر تي آهن. جڏهن سنڌ جي صوبائي انڊيڪس ۾ ڪراچي 1، حيدرآباد 2، خيرپور3، نوشهرو فيروز 4، لاڙڪاڻو 5، دادو 6، نوابشاهه7، سکر 8، شڪارپور 9، ٿرپارڪر 10، سانگهڙ 11، عمرڪوٽ 12، گهوٽڪي 13، ڪشمور 14، ڄامشورو 15، ميرپورخاص 16، قمبر- شهدادڪوٽ 17، جيڪب آباد 18، بدين 19، مٽياري 20، ٽنڊو الهيار 21،  ٺٽو 22 ۽ ٽنڊو محمد خان 23 نمبر تي آهن.
مٿي بيان ڪيل سمورن انگن اکرن مان سنڌ جو هڪ نهايت ڀيانڪ تعليمي منظرنامو سامهون اچي ٿو ۽ هي ان صوبي جي تعليم جو حال آهي، جنهن جي صوبائي بجيٽ جو 21.8 سيڪڙو يعني 134 ارب تعليم تي خرچ ٿين ٿا. سنڌ جي تعليم جي وزير نثار احمد کهڙي حيدرآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽيءَ جي ٿيل تعليمي ڪانفرنس ۾ پاڻ اسان کي  ٻُڌايو ته انهن 134 اربن مان 118 ارب ته رڳو استادن ۽ آفيسرن جون پگهارون ۽ ٻيا انتظامي خرچ آهن. سوال آهي ته پوءِ هن سڄي تعليمي وهنوار ۾ تعليم ڪٿي آهي؟ ۽ استاد يا آفيسر ڇا جون پگهارون کڻي رهيا آهن؟ بجيٽ جي انگن اکرن مان اهو صاف ظاهر آهي ته هيءُ نظام تعليم لاءِ نه پر بيروزگارن جا لشڪر پالڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جا کيسا ڀرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن تعليم تي ٿيندڙ مجموعي خرچ کي اسڪولن ۾ داخل ٻارن جي انگ سان ونڊ ڪجي ته معلوم ٿيندو ته اسان هڪ فرسوده، جڳاڙي ۽ گوسڙو تعليمي نظام ۾ به هر ٻار تي ماهوار اڍائي هزار کان وڌيڪ خرچ ڪريون ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه هزار معياري تعليم وارا ٻار به انهن اسڪولن مان نه ٿا نڪرن. ڀارت ۾ حڪومت هر سال اسڪول ۾ داخل هڪ ٻار تي سورنهن هزار خرچ ڪري ٿي، جنهن تحت ٻارنهن ڪروڙ ڀارتي ٻارن کي اسڪولن ۾ مفت ۽ سُٺي ماني ملي ٿي ۽ رڳو ان هڪ پاليسيءَ سان ڀارت ۾ گذريل ڏهاڪي ۾ ٻارن جي داخلا ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
جيڪڏهن هن ايڪويهين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليم جو اهو حال هوندو، جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي آئيندي جي تباهي ۽ زوال جي صورتحال جي ٻي ڪهڙي ثابتي ٿيندي؟ سنڌ ۾ نام نهاد مٿئين ۽ وچولي طبقي جا ٻار ته وري به سُٺن پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري ويندا ۽ گهڻي ڀاڱي انهن جو وڏو انگ وڏو ٿي مهمان پکين وانگر ٻاهرين ملڪن ڏانهن اُڏامي هليو ويندو پر سنڌ جي اڪثريتي غريبن جي ٻارن جو ڇا اهو ئي نصيب هوندو ته هو هن ايڪويهين صديءَ ۾ به تعليم جي بنيادي حق کان عملي طور ايئن ئي محروم رهندا؟ جيئن تازو حيدرآباد ۾ ڪمشنر جمال مصطفيٰ شاهه گوسڙو استادن خلاف وڏي وَٺُ پڪڙ شروع ڪئي آهي، ايئن سڄيءَ سنڌ ۾ فرض شناس آفيسر توڙي ميڊيا ۽ سول سوسائٽيءَ ۽ سياسي پارٽين جا ذميوار ماڻهو به ڪا اثرائتي مهم شروع ڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ هر اُهو فرد ۽ ادارو جيڪو سنڌ جي تعليمي زوال ۽ تباهيءَ لاءِ ذميوار آهي، اُهو  حقيقت ۾ سنڌ جو قومي مجرم آهي. پوءِ چاهي اُهي حڪومتي نمائندا هجن، ڪرپٽ ڪامورا هجن يا گوسڙو ۽ نا اهل استاد هجن. سنڌ ۾ تعليمي انقلاب کانسواءِ ٻيو ڪوبه انقلاب ممڪن ناهي ۽ جي سنڌ جي تعليم ايئن ڏاڪي به ڏاڪي زوال هيٺ ويندي رهي ته پوءِ ڪهڙي سنڌ؟ ۽ ڪهڙو ان جو آئيندو؟ اسان معاشري جا اُهي سڀ سڄاڻ ماڻهو، جن اڄ تائين ان مسئلي کي گهربل اهميت ڏئي ان لاءِ ڪو به عملي ڪردار ادا نه ڪيو آهي، اُهي به ان قومي ڏوهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيون. جس هجي عوامي جمهوري پارٽيءَ کي جنهن گذريل ٻن سالن کان لڳاتار هن مسئلي تي جدوجهد ڪئي آهي ۽ پهريون ڀيرو هڪ سياسي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان پنهنجي واضح ۽ عمل جوڳي تعليمي پاليسيءَ جو اعلان ڪيو آهي. ٻين سياسي پارٽين کي به ان ڏس ۾ اڳتي اچڻ گهرجي.
مان سمجهان ٿو ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جي سوال کي گهربل سنجيدگيءَ سان هٿ ۾ کڻجي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت، سياسي پارٽين، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ مجموعي طور سڄي معاشري کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن مضمون ۾ مون صرف صورتحال جي حقيقي تصوير پيش ڪئي آهي پر ايندڙ مضمون ۾ "ڇا ڪجي؟" جي سوال تي مان پنهنجا ويچار پيش ڪندس.

No comments:

Post a Comment