Friday, August 31, 2007

ڪهاڻي مرديڪا جي

ڪهاڻي مرديڪا جي
آگسٽ2007 جي شروعات ۾ سنڌ وڃڻ ٿيو جتي دوستن ملائيشيا جي حال احوال کان واقف ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. ان کان اڳ ۾ به سوچيم ته ڪجهه سنڌي ۾ لکجي پر مصروفيت ۽ وقت جي گهٽتائي جي ڪري همٿ نه پئي ٿيئ بحر حال هاڻ ڪجھه وقت ڪڍي سنڌ جي ساٿين لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هتان جو حال احوال هن بلاگ تي لکبو۔

اڄ 31آگسٽ 2007 تي ملئيشيا پنهنجو پنجاه ساله جشن آذادي ملهائي رهي آهي. جنهن جا جشن ڌوم ڌام سان ملهايا پيا وڃن. ملاڪه ۾ به جشن آزادي يا "مرديڪا"جا رنگ هر طرف وکريل نظر اچن ٿا . آزاد ٿئي ملئيشيا کي هاڻ پنجاه سال پورا ٿيا آهن. انهن پنجاه سالن ۾ ملئيشيا جيتري ترقي ڪئي آهي، سا سنڌين لاءِ هڪ مثال آهي. هتي جي ترقي ڏسي ذهن ۾ اهيو سوال ضرور اٿي ٿو ته آخر سنڌي ماڻهو ڇو اها ترقي نه ڪري سگهيو آهي جيڪا هتي جي چينين ۽ ملئي ماڻهن ڪئي آهي. هتي به مسئلا آهن، نسلي فرق ۽ تضاد آهن، پر تنهن هوندي به معاشي ميدان ۾ سڀ قومون پنهنجي معاشي ترقي کي اوليت ڏينديون رهيون آهن. معاشي ميدان ۾ چيني ڪافي تيز آهن. ملئي ڪافي پوئتي پيل آهن پر آزادي وقت هنن سندن آئين ۾ اهڙا تحفظ رکي ڇڏيا جن سان هنن کي ملڪ ۾ خاص "ڀومي پُترا“ اسٽيٽس حاصل آهي. ملئيشيا جي ٻين رهواسين کي اهڙي خاص حيثيت حاصل ناهي۔

چينين ۽ انڊين تاملن کي جيتوڻيڪ ملئي اڪثريت رکندڻن جو اهيو آئيني تحفظ ڪجهه ناپسند آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا ته آئين جون اهي شقون جيڪي ملئي ماڻهن کي ڀومي اسٽيٽس ڏين ٿيون، انهن ملئي نسل جي ماڻهن لاءِ ضروري به آهن جو هو ڪافي پوئتي پيل آهن. سنڌي ماڻهن کي به پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي تحفظ جي ضمانت ڏيندڙ آئيني گيرينٽي جي ضرورت هئي مگر ايئن نه ٿيو. ملئي قوم جي"ڀومي پُترا"حيثيت ۽ گهڻ مذهبي، گهڻ ثقافتي سماج جي باوجود هن ملڪ جي شاندار ترقي جي ڪهاڻي لاءِ ضروري آهي ته ملئيشيا جي آزادي جي تحريڪ ۽ هن جي ڊيموگرافي ۽ سلطنت ملاڪه کان ملايا ۽ پوءِ ملئيشيا ٿيندڙ ملڪ بابت ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪجي۔

ملاڪه سلطنت جو وجود 1396 ع ۾ ان وقت پيو جڏهن سوماترا جو هڪ شهزادو پاراميسوارا، ڪجهه اختلافن سبب اتان اچي هتي جي جهنگلن ۾ اچي ِلڪو۽ پنهنجي نئين رياست جو وجود وڌائين. هن جا پويان اڳتي هلي مسلمان ٿيا ۽ "سلطان“ جو تخلص اختيار ڪيائون مگر هي سلطنت سنه 1511ع ۾ انهن پورچوگيزين جي قبصي هيٺان اچي وئي جيڪي ان کان ڪجهه وقت اڳ ۾ ٺٺي سنڌ مان مار کائي وڃي گوئا، تي قبضو ڪيو هئاون ۽ پوءِ ساهي پٽي ، تر و تازه ٿي اچي ملاڪه تي قبضو ڪيائون. پورچوگيز کان پوءِ ڊچ ۽ آخرڪار نيٺ انهن ساڳين ايسٽ انڊيا ڪمپني وارن انگريزن، جن سنڌ ڦٻائي، اچي ملاڪه تي قبضو ڪيائون۔

ملئيشيا جي تحريڪِ آزادي ۽ گڏيل هندوستان جي تحريڪِ آزادي۾ڪافي ساريون هڪجهڙايون به آهن ته ڪافي تزاد به . مثال طور جڏهن انڊين نيشنل ڪانگريس هندوستان ۾ آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي ته ان وقت هندن ۽ مسلمانن گڏجي ان تحريڪ ۾حصو ورتو ۽ آزادي جي جدوجهد جي شروعات ڪئي. انهن ٻنهن ۾مذهب جي بنياد تي عملي طورتي جدائي ٻي مها ڀاري لڙائي کانپوءِ ٿي جڏهن ته ملئيشياجي تحريڪِ آزادي جو بنياد شروع کان ئي هتي جي ملئي قوم رکيو جيڪي سڀ جا سڀ مسلمان آهن. اِن طرح سان ملئي قومپرستي کي اسلامي قومپرستي جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو. هتي جا هندوتامل، ٻوڌي چيني بعد ۾ هلي ملئي قومپرستن سان گڏيا ۽ اهو به اليڪشني اتحاد جي حد تائين۔

ملئي اسلامي قومپرستي جي بنياد وهين صدي جي اوائلي دور کان ان وقت ٿي جڏهن وچ اوڀر کان مزهبي اصلاح جي تعليم حاصل ڪري ڪجهه عالم واپس ملايا اچي هتان جي ملئي مسلمانن کي جمالدين افغاني، عبدلوهاب ۽ محمد عبدو جي خيالن کان آگاه ڪيو . اهڙي طرح هڪ مزهبي اصلاحي تحريڪ ٺهي جيڪااڳتي هلي ملايا جيڪا پهريان سلطنت ملاڪه ۽ بعد ۾ مليشيا جي نالي سان مشهور ٿي) جي آزادي جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي۔

هڪ طرف ڏسجي ته ملئي قوم جي اسلامي قومپرستي وڌي ويجهي وڃي آزادي جي تحريڪ جو روپ ورتو،جڏهن ته هندوستان ۾ ترڪي جي عثماني خلافت جي خاتمي کانپوع شروع ٿيندڙ ڪئي اسلامي تحريڪون، مثال طور، خلافت تحريڪ وغيره بُري طرح ناڪام ٿي ويون . ان جو هڪ سبب اهيو به ٿي سهگي ٿو جو ملئي هڪ نسل، هڪ مذهب ۽ هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ قوم آهي، جڏهن ته هندوستان۾ ۽ هاڻوڪي پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمان مختلف ٻوليون ڳالهانئيندڙ مختلف قومون آهن۔

شايد اهيو ئي سبب آهي جو اُتي مسلم قومپرستي، حڪمرانن جي ڪوشش جي باوجود پاڙ پڪڙي نه سگهي . ٻي مهاڀاري لڙائي دوران ملايا تي جاپان قبضو ڪري ورتو. جيتوڻيڪ اهيو قبضو مختصرمدت تائين رهي سگهيو، پر ان سان ملئي قوم اهيو چڱي طرح سمجهي ورتو ته انگريز ناقابلِ تسخير ناهن ۽ اگر جاپاني انگريزن سان وڙهي هنن کي، وقتي طورئي صحيح، ملايا مان ڪڍي سگهن ٿا، ته هو به ايئن ڪري سگهن ٿا اهيا ئي مک وجه هئي جو ملئي تحريڪِ آزادي ۾، ٻي مهاڀاري ويڙهه کانپوءِ نئين سر روح پئجي ويو . 1947ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت سنڌي ليڊرن کي ان ڳالهه جو ڪو به احساس نه هو ته ڇا سنڌ جا حق نئين ٺهندڙ پاڪستان ۾سلامت رهندا يا وري انهن جو استحسال ڪيو ويندو؟

سنڌ جي عام ماڻهو کي به ان وقت انهن ڳالهه جواحساس نه هو پر ملايا ۾ جڏهن اپريل 1946 تي انگريزن ملايا يونين جو اعلان ڪيو ۽ انهن اتي جي رياستي سلطانن جا ڪئي اختيار ختم ڪري ڇڏيا. ملايا يونين ۾ هنن کي اسلامي قانونن کانسواء ڪنهن ٻي شئي تي ڪوبه اختيار نه ڏنوويو. اهڙن اعلانن جي ڪري، ملئي قومپرستي ۾هڪ
نئين روح پئجي وئي۽ ملئي قومپرست اڳواڻ داتو عون جعفر ”
امنو“ يعني يونائيٽڊ ملئي نيشنل آرگنايزيشن جو بنياد وڌو . ”امنو“ ملايا يونين جي شديد مخالفت ان ڪري ڪئي جو هن يونين ۾ رهندڙ غير ملئي قومن کي به ملايا يونين جي شهريت حاصل ڪرڻ جي حق جي اجازت ڏني وئي هئي. دورانديش ملئي رهنمائن کي ان وقت ان ڳالهه جو احساس ٿي ويو هو ته اگر هنن پوءِ آيل ڌارين قومن کي به هن ملڪ جي شهر يت يا برابر جا حق ڏنا ته هو هميشه لاءِ پوئتي رهجي ويندا ۽ ٻاهران آيل قومون هنن مٿان حڪمران ٿي وينديون ۽ شايد ايئن ني ٿيئي جو هو پنهنجي ئي وطن ۾ جلاوطن ٿي وڃن۔

امنو جي هن تحريڪ نيٺ جلد ملايا يونين جو خاتمو ڪيو ۽ ان وقت جي امنو ليڊر، تنڪو عبدالرحمان انگريزن کي ملايا جي مڪمل آزادي لاءِ مجبور ڪيو ۽ ائين 31 آگسٽ 1957 تي نئين آزاد ملايا فيڊريشن وجود ۾ آئي. ان ”مرديڪا“ يعني آزادي جي تقريب ۾ پاڪستاني وفد به شرڪت ڪئي هئي جنهن جي اڳواڻي مرحوم مير غلام علي خان ٽالپور ڪئي هئ. امنو نه فقط ملايا کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ڏياري، پر ان جي آئين ۾ ملئي قوم جي حقن جي مڪمل تحفظ جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو۔

آئين ۾ آرٽيڪل153 جي زريعي، ملايا جي فيڊريشن کي ان جي بادشاه جي زريعي پابند ڪيو ويو ته هو ملئي قوم جي ملايا ۾ڌرتي ڌڻي يعني "ڀومي پترا" ( ڌرتي جا شهزادا) جي حيثيت جا ضامن رهندا . اقليتي قومن، جن ۾ چيني ۽ انڊين کي ان شرط تي ملايا يونين جو شهري ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي ته ڪڏهن به هو انهن آئيني ضمانت کي چيلينج نه ڪندا . اهڙي طرح ملئي قوم، گهڻ قومي ملايافيڊريشن ۾ سندن حقن کي هميشه لاءِ محفوظ بڻايو . جڏهن ته سنڌ جي سنڌي ماڻهو نئين ٺهندڙ پاڪستان ۾اهڙي قسم جي آئيني تحفظ وٺڻ ۾بلڪل ناڪام رهيا يا ائين چئجي ته هنن اهڙي قسم جي ڪا ڪوشش ئي ڪانه ڪئي . ڀوميپتراکي هتي سرڪاري نوڪرين، تعليمي ادارن ۾ داخلا، ڄڻ هر ميدان ۾مخصوص ڪوٽائون ۽ اوليت حاصل آهي. 1963 ۾ انگريزن کا آزادي وٺندڙ ٻن ٻين رياستن، ساراواڪ ۽ صباح کي به فيڊريشن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ هن جو نالو تبديل ڪري”ملئيشيا“ رکيو ويو. ملئيشيا جي هڪ رياست”سنگاپورا“ جنهن ۾ چيني نسل جي رهواسين جي اڪثريت هئي، ان ڪري ملئيشيا مان ڪڍيو ويو جو هن انهن ملئي قوم جي ڀوميپترا حيثيت تي اعتراض ڪيو هو هڪ طرف ملئي قوم دور انديشي ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪندي ملئيشيا جي فيڊريشن ۾ سندن ڌرتي ڌڻي هجڻ جو حق آئني طرح مڃرايو ته ٻي طرف، سنڌي قوم، پاڪستان جي فيڊريشن ۾ شامل ٿي پنهنجو ڌرتي ڌڻي هجڻ جو حق وڃرايو. جيتوڻيڪ ملئيشيا ۾ ملئي قوم کي ڀومي پتراحيثيت حاصل آهي پر ان جي باوجود، هتي جون ٻيو قومون، جن ۾ چيني ۽ انڊين شامل آهن، ڪجهه مخصوص معاملن کان سواء، هر ميدان ۾ پاڪستان جي اقليتي قومن کان تمام وڌيڪ خودمختيار
آهن.
ان ڳالهه جو اندازو انهئ مان لڳائي سگهجي ٿو ته هتي آزادي کان پوءِ جيتري معاشي طرقي ملئيشيائي چينين ۽ انڊين ڪئي آهي، اوتري خود ملئي قوم به نه ڪئي آهي۔

هتي ملئيشيا جي ملئي قوم ڀوميپترا اسٽيٽس ۽ تحريڪ آزادي جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم جو سنڌ جي عام ماڻهو کي نه فقط هتي جو حال احوال ٻڌايان، بلڪه اهو به ٻڌايان ته ڪيئن هتي جي گهڻ قومي معاشري ۾ مختلف قومون هڪ ٻي کي برداشت ڪيو ويٺيون آهن ۽ امن و شانتي سان ترقي جي منزلن تي روان دوان آهن ۽ پنهنجو پنجاه ساله جشن مرديڪا وڏي فخر ۽ شان و شوڪت سان ملهائي رهيون آهن۔

No comments:

Post a Comment